رتيش ديشمڪ صحافي کان معافي گهري ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اسٽار اداڪار رتيش ديشمک پنهنجي ٽيم جي بدتميزي تي صحافي کان معافي گهري ورتي.رتيش ديشمک، جيڪو پنهنجي مراٺي فلم جي پروموشن لاءِ ممبئي ۾ آهي، پنهنجي زال سان گڏ ڪولاپور ۾ مندر جو دورو ڪيو.ان موقعي تي صحافي رتيش ديشمک کي ٻڌايو ته سندس پي آر ٽيم هوٽل ۾ اسان سان بدتميزي ڪئي، جنهن تي اداڪار فوري معافي گهري.هن چيو ته اسان جي شادي کي 11 سال ٿي ويا آهن، اسان هن مندر جي درشن لاءِ نه اچي سگهياسين، اڄ به ان ئي مقصد لاءِ آيا آهيون، هتي فلم بابت ڪا به ڳالهه نه ٿيندي.جڏهن صحافي اداڪار کي ٻڌايو ته هن جي ٽيم هوٽل ۾ ميڊيا سان بدتميزي ڪئي، رتيش ديشمک چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڏک پهتو ته معافي وٺان. هن اهو به چيو ته اسان ميڊيا سان ڪا به ملاقات طئي ناهي ڪئي. رتيش ديشمک پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي مراٺي فلم جو ٽريلر شيئر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو