راولپنڊي ۾ 51 ڄڻا ڊينگي ۾ مبتلا، علاج جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي وائرس جا وڌيڪ 51 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.صحت کاتي موجب هلندڙ سيزن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 1275 ٿي ويو آهي.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڊينگي جا 67 مريض هولي فيملي اسپتال ۽ 43 ڊي ايڇ ڪيو ۾ علاج هيٺ آهن. صحت کاتي موجب ڊينگي وائرس ۾ مبتلا 10 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا موجب ڊينگي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي وڌيڪ 33 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 5 عمارتن کي سيل ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته 18 چالان ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون ۽ 12 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو. ضلعي انتظاميا موجب هن وقت تائين ڪل 3503 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 574 عمارتن کي سيل ڪيو ويو آهي، 1009 چالان ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن ۽ 57 لک 65 هزار 250 رپيا ڏنڊ به لڳايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو