راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ ڊينگي وائرس سبب متاثر 9 ڄڻن جي حالت نازڪ ٿي وئي.ضلعي انتظاميا موجب راولپنڊي ۾ ڊينگي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 48 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ هڪ عمارت کي سيل پڻ ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ڪل 3204 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 549 عمارتن کي سيل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 11 ڪيس سامهون آيا آهن. سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب ڏکڻ ضلعي ۾ ڊينگي جا 5، اوڀر ضلعي ۾ 3، ملير ضلعي ۾ 2 ۽ سينٽرل ضلعي ۾ 1 ڪيس سامهون آيو آهي.
