لاهور(ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم داعش ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان آهي، دهشتگرد راولپنڊي ۾ خطرناڪ حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران دهشتگردن وٽان بارودي مواد، ڊيٽونيٽرز ۽ فيوز هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته دهشتگردن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.
