راولپنڊي: عورت استاد کي ڦر ڪندڙ جوابدار ڀائر نڪتا، هڪ ڄڻو گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ 2 ڏينهن اڳ عورت استاد جي ڦرلٽ ۽ تشدد واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.عورت استاد کي ڦر ڪندڙ ٻه جوابدار ڀائر نڪتا، جن مان هڪ کي پڪڙيو ويو.راولپنڊي پوليس موجب واقعي ۾ ملوث ڌاڙيلن رات دير سان پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيو ڌاڙيل فرار ٿي ويو.راولپنڊي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو 2 ڏينهن اڳ عورت استاد جي ڦر ۾ به ملوث آهي.راولپنڊي پوليس موجب عورت استاد تي ڦر ۽ تشدد جي واقعي ۾ ملوث جوابدار جو ڀاءُ فرار آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو