رانا ثناءُ الله سمگلنگ جو اعتراف ڪري ورتو، چالان پيش

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) مسلم ليگ(ن) جي صدر رانا ثناءُ الله جي منشيات ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيس ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اي اين ايف جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشنزعزيزالله ٻڌايو آهي ته مئجسٽريٽ آڏو ريڪارڊ ڪيل بيان ۾ رانا ثناءُ الله چيو آهي ته هو ڪيترن سالن کان منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث رهيو آهي. هن چيو ته سياست ۾ اچڻ بعد آمدن گهٽ هئي مون سوچيو ته ارب پتي سياستدانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پئسو گهرجي ان ڪري منشيات ڊيلرن کي تحفظ ڏين شروع ڪيو. جنهن بعد افغاني مونکي فيصل آباد م منشيات ڏئي ويندا هئا جيڪا مان پنهنجي گاڏي ۾ پهچائيندو هئس. اي اين ايف جو چون آهي ته رانا ثناءُ الله ڪيترن ماڻهن جا نالا به ڏنا آهن جن کان به جاچ ڪري رهيا آهيون. رانا ثناءُ الله کان برگيڊيئر سطح جو آفيسر جاچ ڪري پيو. هوڏانهن رانا ثناءُ الله جي گهرواري نبيلا ثنا چالان ۾ ڪيل دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته اها فرضي ڪهاڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو