راجا اعظم گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير نامزد

گلگت (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف راجا اعظم کي گلگت بلتستان جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي گلگت بلتستان جي وڏي وزير لاءِ راجا اعظم جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته راجا اعظم کي اتفاق راءِ سان پي ٽي آءِ پاران گلگت بلتستان جي وڏي وزير لاءِ اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين به سندس نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ترجمان چيو ته گلگت بلتستان ڪائونسل ۾ تحريڪ انصاف کي فيصلائتي اڪثريت حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو