دُنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان جو ڪجهه به نٿي بگاڙي سگهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور ۾ ٿيل تاريخي گرينڊ جرڳي ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج، سمورا سڪيورٽي ادارا ۽ پاڪستان جو عوام هڪ آهي، دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ سمورا سڪيورٽي ادارا ۽ پاڪستان جو عوام هڪ آهي، جيڪي امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا اهي اسان ۾ شامل ناهن. آرمي چيف چيو ته پاڪستان مديني جي رياست کانپوءِ ڪلمي تي ٺهندڙ ٻي رياست آهي، اسلام امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي، جن هن مذهب کي دهشتگردي طور استعمال ڪيو انهن کي جواب ڏيڻو پوندو.جنرل عاصم منير چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته اهي رڳو پاڪستان ۽ عبوري حڪومت وچ ۾ ٿينديون، ڪنهن به گروپ يا گروهه سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.هن چيو ته افغان پناهگيرن کي پاڪستان جي قانون موجب پاڪستان ۾ ئي رهڻو آهي.افغان حڪومت کي مخاطب ٿيندي آرمي چيف سوال ڪيو ته ڇا احسان جو بدلو احسان کانسواءِ ٻي ڪنهن سان ٿي سگهي ٿو؟ هن چيو ته الله جي راهه ۾ جهاد ڪري رهيا آهيون ۽ ڪاميابي اسان جي ئي ٿيندي،پاڪ فوج جو مقصد شهيد يا غازي آهي. آرمي چيف چيو ته قبائلي انضمام جي مسئلن جي حل لاءِ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويندو، قبائلي عوام جي معاشي ترقي بابت ترقياتي منصوبن ۾ سندن شرڪت کي يقيني بڻايو ويندو.هن چيو ته نون ضم ٿيل ضلعن ۾ 81 ارب رپين جا ترقياتي ۽ فلاحي منصوبا شروع ڪيا ويندا.  انهن ضلعن ۾ پوليس جا 43 منصوبا 7 ارب رپين سان مڪمل ڪيا ويندا، زير تعمير منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي مدد ڪئي ويندي.هن چيو ته دهشتگردي ۾ اضافو دهشتگردن جي ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، دهشتگردن وٽ رياست آڏو سِر نِوائي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه دڳ نه آهي جنرل عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج خلاف دشمن قوتن جي پروپيگنڊا خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.آرمي چيف پاڪ فوج، ايف سي، ليويز، خاصه دار، پوليس ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس شاندار فورس آهي ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن .جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، پاڪستان ۾ مڪمل امن واپس ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو