دهشتگردي خلاف جنگ پائيدار امن قائم ٿيڻ تائين جاري رهندي: آرمي چيف

دهشتگردي خلاف جنگ پائيدار امن قائم ٿيڻ تائين جاري رهندي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير خيبر ضلعي جي وادي تيره جو دورو ڪيو.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف اڄ ڏينهن پاڪ افغان سرحد تي تعينات جوانن سان گڏ گذاريو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جوانن جي آپريشنل تيارين ۽ بلند حوصلي کي ساراهيو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جوانن ۽ آفيسرن کي خطاب ۾ چيو ته قبائلي عوام ۽ سڪيورٽي فورسز جي بيشمار قربانين جي ڪري ملڪ ۾ حڪمراني قائم ٿي آهي.آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ قوم جي تعاون سان پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي، مادر وطن جو دفاع هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو، ڪنهن کي به ملڪ جي ڪاميابين کي سبوتاز ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. دهشتگردي خلاف جنگ هلي ويندي، امن کي خراب ڪرڻ وارن لاءِ ڪا به جاءِ نه هوندي.ان کان علاوه آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور جو به دورو ڪيو جتي کيس آپريشنل، ٽريننگ ۽ فارميشن جي ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو