دهشتگردي جا ڪجهه واقعا ٿيا آهن پر سنڌ محفوظ آهي:مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه محرم الحرام جلوس جي رستن جو دورو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جا ڪجهه واقعا ٿيا آهن پر الحمدالله سنڌ، انٽيليجنس بيسڊ ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ سمورن قانونن لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ سٺن لاڳاپن سبب محفوظ آهي. هن اها ڳالهه ايم اي جناح روڊ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي، جتي هن 9 ۽ 10 محرم الحرام جي جلوسن جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. هن سان گڏ وزير محنت سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ پڻ گڏ هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پوليس، رينجرز ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن کي ضروري هدايتون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا الرٽ آهن ۽ صوبي ۾ امن امان لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته موبائل فون سروس سڪيورٽي سبب بند ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو ان ڪري انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن جلوس جي سمورن اچ وڃ وارن رستن، پارڪنگ جڳهن ۽ پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي مقرري وارن هنڌن جو دورو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انشاءَ الله سڀ ڪجهه پلان موجب ٿيندو. ان کان اڳ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 9 ۽ 10 محرم الحرام جي جلوس جو رستو نشتر پارڪ، نمائش، ايم اي جناح روڊ، مينسفيلڊ اسٽريٽ، پريڊي اسٽريٽ، تبت چوڪ (ايم اي جناح روڊ) بولٽن مارڪيٽ، بمبئي بازار، کھارادر، نواب محبت روڊ ۽ حسينيان ايرانيان امام بارگاهه تي ختم ٿيندو. هن چيو ته ٽينهٽي، لسبيلا کان طاهري مسجد کانپوءِ مينسفيلڊ اسٽريٽ تائين جلوس لاءِ 20 ڊائيورشن پوائنٽ مقرر ڪيا ويندا. اهڙي ريت 9 پارڪنگ جي جائين کي ذميواري سونپي وئي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ 4698 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. جلوس جي سي سي ٽي وي ڪوريج پڻ ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي نگراني آءِ جي آفيس جي سينٽرل ڪنٽرول روم مان ڪئي ويندي. ان کان اڳ وڏي وزير 9 محرم الحرام جي جلوس جي اڳواڻي تاج ڪمپليڪس وٽ ڪئي ۽ پوءِ جلوس وارن رستن ذريعي امام بارگاهه حسينيان ايرانيان پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو