دنيا ۾ ارب پتين جي انگ ۾141 جو اضافو، تعداد 2781 ٿي ويو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) فوربز پاران هلندڙ سال جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ پڌري ڪئي آهي ۽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ارب پتين جي لسٽ ۾ 141 نوان ارب پتي شامل ڪيا ويا آهن. دنيا ۾ هلندڙ جنگين، واپار جي ڪاسٽ وڌڻ ۽ بي پناهه مهانگائي جي باوجود دنيا ۾ ارب پتين جي انگ ۾ اضافو حيرت انگيز آهي. فوربز جي رپورٽ موجب هن سال دنيا جي ارب پتين جو انگ تاريخي طور وڏي ۾ وڏو يعني 2781 ٿي ويو آهي. هن سال وارو انگ 2021 جي وڏي ۾ وڏي انگ کان 26 مٿي آهي. هن سال 2781 ارب پتين جي ڪل دولت جو اندازو 14 هزار 200 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي.جيڪو 2023 جي فگر کان 2 هزار ارب ڊالر وڌيڪ آهي. ارب پتين جي لسٽ ۾ 2/3 نالا اهي آهن جيڪي گزريل سال جي لسٽ ۾ به شامل هئا. لسٽ ۾ شامل ٽاپ 20 ارب پتين وٽ 700 ارب ڊالر آهن. پهرين نمبر تي آمريڪا آهي جتي 813 ارب پتي آهن جن جي ڪل دولت 5700 ارب ڊالر آهي. ارب پتين جي انگ جي حساب سان دنيا ۾ٻيو نمبر چين جو آهي جنهن م هانگ ڪانگ به شامل آهي. چين ۾ 413 ارب پتي آهي جن جي دولت 1700 ارب ڊالر آهي. چين ۾ مختلف سببن جي ڪري سندن دولت ۾ 300 ارب دالر جي گهٽتائي ٿي آهي. ٽئين نمبر تي ڀارت آهي جتي 200 ارب پتي رهن ٿا.
مڪمل لسٽ ڏسڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو