دراني جي گهر تي ڇاپي خلاف ڪوٽ دراني ۾ احتجاج

ڳڙھي ياسين(ن س ) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي ڪراچي واري گھر مٿان نيب ٽيم جي چڙھائي ۽ امڪاني گرفتاري خلاف پ پ سٽي صدر دلشاد احمد ڀٽي،جنرل سيڪريٽري محمد طاھر پنھور مور خان جتوئي جي اڳواڻي ۾ سوين پ پ ڪارڪنن ۽ شھرين شھر ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪرائي ڊکڻ ناڪي کان پر امن احتجاجي ريلي ڪڍي،جيڪا شھر جي مُکُ رستن شاھي بازار،نور مصطفيٰ چوڪ،ٽائون ڪاميٽي کان ٿيندي ڪوٽ دراني ٻاھران پھچي سخت احتجاج ڪندي نيب گردي خلاف سخت نعري بازي ڪئي جتي پ پ سٽي صدر دلشاد احمد ڀٽي،محمد طاھر پنھور،مور خان جتوئي،رانا يوسف راجپوت ،عمرالدين ملڪ،سيد عاشق شاھ ۽ شھرين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسپيڪر آغا سراج دراني کي محترمه شھيد جو سچو جانثار،آصف زرداري جو سچو ساٿي ۽ عوام جو ھمدرد ھجڻ جي ڏوھ ۾ وفاقي حڪوت نيب جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بناجواز عتاب جو شڪار بڻائيندي رھي ٿي جيڪو عمل ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ھنن چيو ته جيڪڏھن اسپيڪر آغا سراج دراني کي وفاقي حڪومت ۽ نيب پاران حراسان ڪرڻ بند نه ڪيو ته پ پ ڪارڪن،آغا سراج دراني جا حامي ۽ سنڌ جو عوامي سمنڊ عمراني حڪومت ۽ نيب خلاف روڊن تي نڪري احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ھنن چيو ته اسان ڪورٽ سڳوري کي مودبانہ گذارش ٿا ڪريون ته عوامي ليڊر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري پ پ جيالن ۽ ھزارين چاھيندڙن جي دلين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو