خيرپور (ن س )خيرپور ۾ مڇريل ماڻهن کهوڙا پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو، هوائي فائرنگ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ ساٿي کي آزاد ڪري ڪري گڏ وٺي ويا،جنهن جو آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو سخت نوٽيس ورتو ۽ ايس ايس پي خيرپور کان فوري ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي. پوليس هوائي فائرنگ، سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث سڀني جوابدارن جي گرفتاري ۽ حراست ۾ ورتل جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.










