خيبر ۾ دستي بم ڌماڪو، هڪ ڄڻو فوت

خيبر (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه صوبي جي ضلعي خيبرپختونخواهه ۾ پاڪ افغان هاءِ وي تي خيبر بازار ويجهو دستي بم ڌماڪو ٿيو.خيبر پوليس موجب دستي بم ڌماڪي سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو.خيبر پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، پاڪ افغان هاءِ وي کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.خيبرپختونخوا پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي بم ڌماڪي واري هنڌ طلب ڪيو ويو آهي.خيبر پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويل شخص جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو