خورشيد شاهه خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ)پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خورشيد شاھ چيو آهي ته مان ڪشمير چونڊ ۾ بلاول سان گڏ هجان ها ته پي پي اڪثريت حاصل ڪري ها، مونکي حڪمرانن ڄاڻي واڻي بند ڪيو آهي. ڪشمير جو ٻچو ٻچو اسان سان پيار ڪري ٿو. مان سڀني ادارن کي چيلينج ٿو ڪريان ته منهنجي ڪرپشن جا ثبوت ڪنهن وٽ آهن ته عدالت ۾ پيش ڪري. اهڙو اظهار هن عدالت ۾ حاضري بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت جي ناقص پاليسي سبب مھانگائي وڌي آھي، غريب عوام پريشان آھي، پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام کي رليف ڏنو، تحريڪ انصاف جي حڪومت معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته پنجاب جا ماڻھو سوچين خاص ڪري ملڪ جا نوجوان سوچين ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي، خورشيد شاھ ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ جي ادارن ۽ ايجنسين کي چئلينج ڪندي چيو ته منھنجي خلاف ھڪ به ايڪڙ زمين تي قبضو ثابت ڪري ڏيکارين، مان روڊ، اسپتالون ڏنيون، سنڌ ۾ اتحاد اقتدار لاءِ ٺھيو آھي، جيڪڏھن ڪو اتحاد مھانگائي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ٺھي ٿو ته سڀ کان پھرين مان اُن کي خوش آمديد چوندس، هن چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي جن وزيرن ۽ مشيرن کي حڪومت مان ڪڍيو ويو انھن کي ٻيھر لڳايو ويو آھي.

File Photo

ان کان اڳ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ سندس گهرڀاتين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس جي احتساب عدالت سکر ۾ ٻڌڻي ٿي. خورشيد شاهه کي اين آءِ سي وي ڊي ۽ سندس پٽ ايم پي اي فرخ شاهه کي جيل مان عدالت آندو ويندو. نيب پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي گهروارين طلعت بيبي، گلناز بيبي. پٽ فرخ شاهه. زيرڪ شاهه. ڀائٽي صوبائي وزير اويس قادر شاهه سوڌو 18 ڄڻن خلاف 1 ارب 23 ڪروڙ روپين جو ريفرنس داخل ڪرايو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ نيب خورشيد شاهه خلاف سپليمينٽري ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايو هو ته  عدالت ڪاغذ اڻپورا هجڻ تي واپس ڪيو هو. نيب ويهه مهينن کانپوء سپليمينٽري ريفرنس ۾ وڌيڪ چئن ڄڻن کي جوابدار طور شامل ڪيو هو . جوابدارن ۾ برڪت الله. محمد عامر. نظام الدين ۽ شاهد شاهه شامل آهن. نيب سپليمينٽري ريفرنس ۾ هڪ ارب 38 ڪروڙ 58 لک 5 سئو 4 روپيا ڪرپشن ڏيکاري هئي. واضح رهي ته خورشيد شاهه ٻن سالن کان قيد ۾ آهي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي اين آء سي وي ڊي ۾ علاج لاءِ رکڻ واري معاملي بابت پي ٽي آء اڳواڻ طاهر شاهه جي درخواست تي سنڌهاءِ ڪورٽ ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جو نمائندو. اين آء سي وي ڊي ۽ جيل عملدار پيش ٿي. عدالت خورشيد شاهه جي وڪيل جي مهلت واري درخواست تي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو