خطي جو امن خراب ڪندڙ عمل جو حصو نه بڻجنداسين؛ آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجنر جنرل آصف غفور چيو آهي ته خطي ۾ امن خراب ڪندڙ ڪنهن به عمل جو حصو نه بڻجنداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجنر جنرل آصف غفور نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ ايراني جنرل ڇڪتاڻ تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ايراني جنرل تي حملي کان پوءِ خطي جي حالتن ۾ تبديلي اچي وئي آهي ۽ ان معاملي تي آمريڪي وزير خارجه مائيڪ پومپيو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ڳالهايو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف مائيڪ پومپيو کي چيو ته خطي ۾ خراب حالتن کان بهتري طرف وڃي رهيا آهيون ڪنهن به اهڙي عمل جو حصو نه بڻجنداسين جنهن سان خطي جو امن خراب ٿئي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي خطي ۾ مختلف ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ گهرجي ۽ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان تمام گهڻين قربانين کان پوءِ امن حاصل ڪيو آهي اسان افغان سرحد کي مضبوط بڻايو ۽ پنهنجي سرزمين تان دهشتگردن جو صفايو ڪيو. ميجر جنرل آضف غفور جو چوڻ هو ته خطو 4 ڏهائين کان امن لاءِ ڪوششون ڪيون وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو واضح موقف آهي ته خطي جي امن کي خراب ڪندڙ ڪنهن به عمل جو حصو نه ٿينداسين.  ڀارتي آرمي چيف پاران پاڪستان کي ڌمڪيون ڏيڻ واري سوال جي ترجمان پاڪ فوج جو چوڻ هو ته ڀارتي آرمي چيف نئون آهي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي آرمي چيف کي گهرجي ته ڌمڪين ڏيڻ بجاءِ ڪشمير کان ڪرفيو ۽ ڀارت ۾ هندوتوا جي پرچار کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري نه ته جنهن رستي تي ڀارت هلي رهيو آهي هو پاڻ تباهي طرف وڌندو پيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارتي اشتعال انگيزين باوجود اسان ذميدار رياست ۽ قابل فوج هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي هلندڙ پاڪستان مخالف بيانن تي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته دفتر خارجه به ان حوالي سان واضح موقف ڏئي چڪو آهي، ملڪ دشمن افواهن تي هرگز توجهه نه ڏيو ميڊيا ۽ عوام کي اپيل آهي ته سچ ۽ حقيقت ٻڌائيندڙ ذريعن تي يقين ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو