خبر نه هئي ته نگران وزيراعظم لاءِ انوار الحق جو نالو سامهون ايندو

سکر (ن س )پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان کي خبر نه هئي ته نگران وزيراعظم لاءِ انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو سامهون ايندو.هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي گڏجي ڪميٽي کي پنج نالا ڏنا هئا، ڪميٽي خيبرپختونخواهه مان سليم عباس، جليل عباس، محمد مالڪ ۽ افضل خان جا نالا ڏنا هئا.پ پ اڳواڻ چيو ته انوا رالحق ڪاڪڙ جو نالو سينيٽ مان ورتو ويو، اسان جو ڌيان ان طرف نه هو، جتي به نالو آيو آهي، اسان کي سٺي جي اميد رکڻ گهرجي.خورشيد شاهه اهو به چيو ته اسان کي خبر نه هئي ته انوارالحق ڪاڪڙ جو نالو سامهون ايندو، بهتر هجي ها ته ڪنهن ٻئي کي چونڊيو ها.پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ دير جو خدشو پهرين ڏينهن کان آهي جڏهن نگران حڪومت جا اختيار وڌائڻ جو بل پاس ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو