اينٽي ڪرپشن هٿان خاور فريد مانيڪا گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ)اينٽي ڪرپشن خاور فريد مانيڪا کي گرفتار ڪري ورتو.اينٽي ڪرپشن ترجمان خاور فريد مانيڪا جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته خاور مانيڪا کي سرڪاري زمين تي غير قانوني اڏاوتن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب خاور مانيڪا تي قبرستان جي جاءِ تي غير قانوني شادي هال ٺاهڻ جو الزام آهي، ڊپٽي ڪمشنر سندس خلاف ريفرنس انڪوائري ڪري رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته خاور مانيڪا ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن کي ايئرپورٽ ويجهو گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو