خان ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته سندس ٽرائل فوجي عدالت ۾ هلندو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جيڪڏهن آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي نيئر بخاري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عدالتن کي منهن ڏئي اسٽيبلشمينٽ جي ٺاهيل سياسي پارٽي جو ڪوبه مستقبل نه هوندو آهي.هن چيو ته دبئي ۾ ٿيندڙ سياسي ملاقاتن ۾ ڪوبه فيصلو نه ٿيو آهي. چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. ياد رهي ته ان کان اڳ گهرو وزير راڻا ثناءُالله به عمران خان جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جو اشارو ڏئي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو