ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري تي ردعمل ڏنو آهي ته گرفتاري مڪافاتِ عمل آهي ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران صحافي بلاول ڀٽو زرداري جو پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ بابت ردعمل معلوم ڪيو بلاول چيو ته مان پنهنجو ردعمل بعد ۾ ڏيندس، في الحال ايتروئي چوندس ته اهو مڪافات عمل آهي
