ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خالد مقبول صديقي کي چيئرمين چونڊي ورتو. پاڪستان هائوس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي مختلف معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪندي اهم فيصلا ڪيا ويا. ايم ڪيو ايم ترجمان موجب مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي مرڪزي ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ خالد مقبول صديقي کي گڏيل طور چيئرمين چونڊڻ جو فيصلو ڪيو ويو.










