خاصخيلي برادري تعليم تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪريو

ٽنڊو مستي(نادر علي اڄڻ) خاصخيلي برادري تعليم تي ڌيان ڏئي، پٽن سان گڏ نياڻين جي تعليم به ضروري آهي. جيسين اسين متحد هونداسين تيسين ڪو به اسن کي ڪجهه نٿو ڪري سگهي. اهڙو اظهار ٽنڊو مستي ۾ منعقد ڪيل خاضخيلي اتهاد جي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اتهاد جي صدر سرائي نياز حسين خاصخيلي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان خاصخيلي برادري جي ھر ڏک سک ۾ گڏ آھيون خاصخيلي برادري کي اپيل آھي ته پاڻ ۾ ٻڌي ڪن ٻارن کي تعليم ڏيارن اسان ھر قسم جي مدد ڪنداسين ۽ 3 آگسٽ تي خيرپور ۾ اسان جي قومي ھيروز جو پروگرام آھي جنھن جو مھمان خاص پرنس مير مھدي رضا ٽالپر آھي پروگرام ۾ مڃتا ايوارڊ ڏنا ويندا ضلعه خيرپور جي تنظيم 30 نالا ڏنا آھن قومي ھيروز جا جن جو سماجي ادب ليکڪ شاعر ۽ ٻين حوالن سان خدمتون آھن انھن کي سپريم جوڊيشنل ڪائونسل طرفان مڃتا ايوارڊ منظور ٿيل آھن جيڪي انھن کي ڏنا ويندا ۽ ڏھ آگسٽ تي بچو بادشاھ جي ورسي حيدر آباد ۾ ملھائي ويندي جيڪو وڏو قومي ھيرو ھو اھو پيغام اسان تمام خاصخيلي برادري کي ڏيڻ آيا آھيون ۽ انھن پروگرامن ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا ۽ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾  ڀرپور حصو ورتو ويندو جيئن برادي جا پنھنجا نمائندا غير جماعتي بنياد تي چونڊجي اچن ۽ پنھنجي برادي سان گڏ ٻين برادرين جي به خدمت ڪن. گڏجاڻي ۾ خاصخيلي اتحاد تعلقي خيرپور جي اطلاعات سيڪريٽري غلام محمد خاصخيلي پاران رکيل گڏجاڻي ۾ خاصخيلي اتحاد پاڪستان جي صدر سرائي نياز حسين خاصخيلي ضلعه خيرپور جو نائب صدر طالب حسين خاصخيلي سٽي خيرپور جو صدر زاھد حسين خاصخيلي ضلعه خيرپور جو اطلاعات سيڪريٽري عمران علي خاصخيلي تعلقه ڪوٽ ڏجي جو جنرل سيڪريٽري فياض حسين خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي. غلام محمد خاصخيلي آيل مھمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ۽ ٿورا مڃيا. گڏجاڻي کي  طالب حسين  خاصخيلي  زاھد حسين  خاصخيلي عمران علي خاصخيلي ۽ غلام محمد خاصخيلي خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو