بِٽ ڪوئن مائننگ ۽ اي آءِ لاءِ 2000 ميگاواٽ بجلي مختص

بِٽ ڪوئن مائننگ ۽ اي آءِ لاءِ 2000 ميگاواٽ بجلي مختص

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڊجيٽل معيشت ڏانهن هڪ تاريخي قدم کنيو آهي، جنهن ۾ بِٽ ڪوئن مائننگ ۽ مصنوعي ذهانت ڊيٽا سينٽرن لاءِ 2,000 ميگا واٽ بجلي مختص ڪئي وئي آهي.وزارت خزاني جي مطابق، هي قدم نيشنل ڊجيٽل انفراسٽرڪچر پروجيڪٽ جي پهرين مرحلي جو حصو آهي، جنهن جو مقصد معيشت کي جديد خطن تي ترقي ڏيڻ آهي.آفيسرن چيو ته اضافي بجلي کي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي بِٽ ڪوئن مائننگ، اي آءِ ڊيٽا پروسيسنگ ۽ ٻين هاءِ ٽيڪ منصوبن کي فروغ ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. هن اهم منصوبي جي نگراني پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل ڪندي.آفيسرن جي مطابق، هي منصوبو نه رڳو ملڪي ٽيڪنالاجي شعبي کي مضبوط ڪندو پر پرڏيهي سيڙپڪارن کي به پاڪستان ڏانهن راغب ڪندو، انهي سان گڏ هزارين نوجوانن لاءِ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪندو.معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته بِٽ ڪوئن مائننگ ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن جديد شعبن ۾ سيڙپڪاري نه رڳو ملڪ جي معيشت کي وڌائيندي پر قومي سلامتي کي به نوان طول و عرض ڏيندي. انهن جي مطابق، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي ترقي ملڪ کي آزادي، ڪارڪردگي ۽ پائيدار ترقي جي رستي تي وٺي ويندي.حڪومت جو خيال آهي ته هي قدم پاڪستان کي عالمي ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ مؤثر طريقي سان حصو وٺڻ ۽ مستقبل جي ڊجيٽل دنيا ۾ هڪ مضبوط ۽ آزاد حيثيت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو