حڪومت سان ڳالهيون طئي، بلوچ جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم

حڪومت سان ڳالهيون طئي، بلوچ جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي راولپنڊي ۾ جاري ڌرڻي دوران حڪومت جي آڇ قبول ڪندي اڄ ڳالهين جي لاءِ نائب امير لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي.راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ عوام کي رليف جي لاءِ جاري جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ وفاقي اطلاعات واري وزير طارق فضل چوڌري سميت حڪومتي وفد جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات ڪئي.جماعت اسلامي جي ترجمان موجب حڪومتي وفد جماعت اسلامي جي قيادت سان ڌرڻو فوري ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. جنهن کي جماعت اسلامي رد ڪري ڇڏيو پر حڪومتي آڇ تي حافظ نعيم الرحمان ڳالهين جي لاءِ حامي ڀري.هن ٻڌايو ته حڪومتي نمائندي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڌرڻي ۾ پهچي حافظ نعيم ۽ لياقت بلوچ سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته مان دعوت ڏيڻ آيو آهيان ۽ ڳالهيون اڄ ئي ٿينديون.هن چيو ته ڳالهين جي لاءِ جماعت اسلامي جي وفد ۾ نائب امير لياقت بلوچ سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم سيد فراست شاهه ۽ نصرالله رندهاوا شامل آهن.جماعت اسلامي جي ترجمان ٻڌايو ته حڪومتي وفد ۾ اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ به شامل آهي. هن چيو ته 4 رڪني ڪميٽي اڄ (28 جولاءِ) کان حڪومت سان ڳالهيون ڪندي پر وقت ۽ هنڌ جو اعلان بعد ڪيو ويندو.هن چيو ته وفاقي اطلاعات واري وزير ۽ حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي ميمبرن جي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن سان خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي ۽ وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته جماعت اسلامي هڪ پرامن پارٽي آهي اميد آهي اسان جون ڳالهيون نتيجا ڏيندڙ هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو