اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيٽ ۾ حڪومتي ميمبرز پاران به آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بِل جي مخالفت ڪئي وئي آهي،پ پ سينيٽر رضا رباني احتجاج طور بِل جون ڪاپيز ڦاڙي ڇڏيون،قانون جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ترميمي بِل ايوان ۾ پيش ڪيو،رضا رباني، نواز ليگ جي افنان الله ۽ جي يو آءِ ف جي ڪامران مرتضيٰ بِل جي مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ته ميمبرز پاران بِل رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي،رضا رباني چيو ته لڳي ٿو اسان جا هٿ ۽ پير ٻڌل آهن، مونکي بِل جي حوالي سان پارٽي لائين نه ملي آهي، احتجاج طور بِل جي ڪاپي ڦاڙيان ٿو،سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ائين قانونسازي ڪرڻي آهي ته واڪ آئوٽ ڪندس، اسان جي ڳالهائڻ تي پابندي آهي ته ايوان مان هليا وڃون ٿا،ميمبرز جي احتجاج بعد سينيٽ چيئرمين بِل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏيو
