ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙ والدين کي سزائون ڏيڻ جو اعلان

حيدرآباد: (رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٻارن کي پوليوکان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪرڻ تي والدين کي سزائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري والدين کي هڪ مهينو قيد ۽ 50 هزار روپيه ڏنڊ ڏيڻو پوندو. قلم 1 جي تحت ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جا اختيار پڻ ڏنا ويا آهن. حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو ۽ ٻارن کي پوليو جي ٽيمن کان ڦڙا پياريو. ياد رهي ته سومر جي ڏينهن کان ملڪ ۾ پوليو کان مهم جي مهم شروع ڪئي وئي آهي. پوليو کان بچاءُ جي قومي مهم اسلام آباد سميت چئني صوبن ۾ هلائي پئي وڃي. مهم جي دوران 2 ڪروڙ 4 لک 42 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسينيشن ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو