حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ وڪيل برادري ۽ پوليس وچ ۾ ھلندڙ تضاد وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو، وڪيلن ھائي وي بلاڪ ڪري چڏيو ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان وڪيل برادري به پھچي ويا صورتحال خراب تيڻ جو خدشو ايس ايس پي کي فورن حيدرآباد مان ڪڊيو وجي مطالبو رپورٽن مطابق 3 ڏينهن اڳ ڀٽائي نگر پوليس علي رضا بوزدار نالي هڪ وڪيل کي گرفتار ڪري ايس ايس پي جي پروٽوڪول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سندس ڪار جي نمبر پليٽ سميت وڌيڪ الزامن تعت مشتمل ايف آئي آر ڪٽي کيس گرفتار ڪيو ويو ھو جنھن تي ٽي ڏينھن اگ وڪيلن جو سخت احتجاج ھلندڙ ھو پوليس گرفتار وڪيل جي ته آزاد ڪري ڪار به واپس ڪري ڇڏي ھئي پر آن واقعي تي ايس ايس پي فرخ لنجار وڪيلن جي احتجاج م اچي ڪيل غلطي جي سوري ب ن ڪئي جنھن تان مسلسل ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رکندي وڪيل برادري پاران ضلعي پوليس ڪماني حيدرآباد خلاف ڪلھ صبح سيشن ڪورٽ کان هاءِ ڪورٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي . وڪيلن جو مطالبو آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار کي برطرف ڪيو وڃي، وڪيلن ٻن ڏينهن کان ايس ايس پي آفيس آڏو زبردست احتجاج ڪري ڌرڻو ب هنيو جنهن تي ڊي آءِ جي حيدرآباد وڪيلن کي يقين ڏياريو ته ايس ايس پي کي بدلي ڪيو ويندو ۽ ڊي آءِ جي پاڻ ضلعي بار ۾ اچي وڪيلن جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو پر نه ئي ايس ايس پي حيدرآباد جي وڪيلن سان ملاقات تي ن ئي ڊي آئي جي حيدرآباد طارق ڌاريجو وڪيل برادري وٽ پھتو . هوڏانهن مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پيز سميت اهلڪارن وڪيلن جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايس پي کي موڪلن جون درخواستون جمع ڪرايون آهن، ڪلھ صبح سان ئي حيدرآباد جي وڪيلن جو اٽڪل 3 ھزار کان مٿي جو تعداد شھر مان وادو واھ واري رستي کان پيادل تيندو ھائي وي تي پھچي روڊ بلاڪ ڪري چڏيو آھي جنھن سان پنجاپ ء بين صوبن سميت اندروني سنڌ ويندا تمام گاڏيون بنھي طرفن کان وڏي تعداد م رڪجي ويون آھن جڏهن ته ڪراچي مان بار ايسوسي ايشن جي صدر جي وڊيو پيغام کانپوءِ ڪراچي ۽ اندرون سنڌ کان وڪيلن جو وڏو انگ به ڪارن ۽ بسن ۾ گڏ ٿي ويو آهي ۽ سندن هڪ ئي مطالبو آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد فرخ علي لنجار کي هٽايو وڃي. ھوڏانھن وزير اعلي سنڌ جي نگراني م ان معاملي جو حل تلاش ڪرڻ لاء ڪراچي م اجلاسن جا اطلاع آھن پر اڄان تائين انتظاميه يا سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي يا حيدرآباد جي انتظاميه پاران وڪيلن سان ڪابه ڳالھه ٻول نه تي سگھي آھي ٻي طرف انتظاميه پاران مسافر ٽرانسپورٽ کي ھڪ متبادل رستي ذريعي ڪراس ڪرايو پيو وڃي.










