حيدرآباد: (ن س) سپر هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر عورت کي چيڀاٽي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو. حادثو مقتوله جي ڀينرن جي اکين جي اڳيان پيش آيو، جڏهن ته ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو. فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ 30 سالن جي داڊو شيخ جي نالي سان ٿي آهي ۽ هوءَ ڄامشوري جي رهواسڻ هئي. عورت ڄامشورو-حيدرآباد ٽول پلازا ويجهو پنڻ (گداگري) ڪري پنهنجو گذران ڪندي هئي. حادثي کانپوءِ لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڊ تي پيل رهيو، جنهن کانپوءِ پوليس کيس اسپتال منتقل ڪيو. پوليس اختيارين ٻڌايو ته مڙهه کي پوسٽ مارٽم لاءِ ايل ايم يو اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ٽرالر ۽ ڊرائيور جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ۽ حادثي جي وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.










