راڻيپور(ن س) پير سهيل شاهه عرف محفوظ الدين شاهه سمت 6 ڄڻن تي حويلي مان گم ٿيل ناري ثنا گراماڻي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ناري جي والد ديدار علي جي مدعيت ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حويلي مان 2 سال اڳ مبينا طور تي گم ٿيل 20 سالا ثنا گراماڻي کي بازياب ڪرايو وڃي. ايف آءِ آر ۾ ديدار پنهنجي گهرواري، ٻن سالن ۽ هڪ ڀيڻوي کي به جوابدار نامزد ڪندي چيو آهي ته پير سهيل شاهه انهن جي ملي ڀڳت سان ڇوڪري وڪرو ڪئي آهي ۽ مونکي شڪ آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو.
