حنا الطاف ۽ آغا علي وچ ۾ طلاق، مديحا جي تصديق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)شوبز انڊسٽري جي اداڪارا حنا الطاف ۽ اداڪار ۽ گلوڪار آغا علي الڳ ٿي ويا.حنا الطاف ۽ آغا علي لاڪ ڊائون دوران 2020 ۾ شادي ڪئي ۽ اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام ذريعي شادي جي خوشخبري ڏني.جڏهن ته گذريل 2 سالن کان جوڙي جي وچ ۾ عليحدگي جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون پر ٻنهي ڪڏهن به انهن خبرن تي ڪو به ردعمل نه ڏنو.هاڻ تازو ئي اينڪر پرسن مديحا نقوي پنهنجي مارننگ شو ۾ جوڙي جي وچ ۾ طلاق جي تصديق ڪئي آهي.مارننگ شو ۾ شوڪت اعجاز ۽ ونيزا احمد شرڪت ڪئي ۽ هڪ راند دوران مديحا نقوي هنن جي جدا ٿيڻ بابت ٻڌايو،

پهنجو تبصرو موڪليو