حافظ نعيم کان سواءِ سمورا مڪاني نمائندا هڪ پيج تي آهن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته سمورا سياسي جماعتن جا مڪاني نمائندا رڳو حافظ نعيم الرحمان کان سواءِ شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ پيج تي آهن حافظ نعيم الرحمان هاڻي منافقت جي نه پر خدمت جي سياست ڪري بنا سياسي فرق جي سنڌ جي وڏي وزير مڪاني نمائندن سان ملاقات ڪئي ان جو سڀني سان هڪ جهڙو ورتاءُ خدمت جي جذبي جو اعليٰ مثال آهي هن ملاقات ۾ سمورن مڪاني نمائندن شهر جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن اسان سڀني جو ڪراچي جي ويزن تي عمل پيرا آهيون جاري ڪيل بيان ۾ ڊپٽي ميئر چيو ته حافظ صاحب شايد بي خبر آهي ته هاڻي واٽر بورڊ ميئر ڪراچي جي ماتحت آهي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ جا مختلف منصوبا مڪمل ڪيا جنهن موجب ڌاٻيجي ۽ حب ڊيم مان ڪراچي کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جا منصوبا مڪمل ٿيا سلمان عبدالله مراد چيو ته شهر ۾ پاڻي چوري جا واقعا رپورٽ تي ڀرپور ڪارروايون ٿي رهيون آهن پر حافظ صاحب پيپلزپارٽي جي حسد ساڙ ۾ حقيقت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جو سفر جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو