آدمشماري جو ڪيس وڏي وزير وڙهيو، ان مهل ايم ڪيو ايم ڪٿي هئي؟

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه فاروق ستار ۽ حافظ نعيم الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته لڳي ٿو ته فاروق ستار ايم ڪيو ايم ۾ واپس آيو آهي رڳو پيپلز پارٽي جي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ. هن چيو ته آدمشماري تي سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي دعوت ڏني هئي، ايم ڪيو ايم جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ سندن پنهنجو فيصلو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي مردم شماري آفيسرن وٽ صحيح ڳڻپ لاءِ ڊيش بورڊ تائين رسائي آهي ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته فاروق ستار کي سنڌ جي آفيسرن تي نه پر مردم شماري آفيسرن تي اعتماد آهي. هن چيو ته آدمشماري جو ڪيس سنڌ جي وڏي وزير وڙهيو، ان وقت فاروق ستار ڪٿي هو؟ ڀائي فاروق، نفرت بدران پيار جي سياست ڪريو، هاڻي تمام گندو ٿي ويو آهي، ڪراچي جي ميئر جو خواب ڏسندڙ کي به مردم شماري ياد اچي وئي هن چيو ته ڪراچي جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي عوام جي خدمت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو