شهدادڪوٽ ( ڊ ر ) شهدادڪوٽ ۾ جي يو آء جي سڏ تي زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ، بحريه ٽائون واقعي، ڪرپشن ۽ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جعميت علماء اسلام پاران سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ، بحريه ٽائون واقعي، ڪرپشن ۽ بدامني خلاف مولانا محمد جان عابد، مولانا مبين احمد مستوئي، حافظ ثناء الله ٿهيم، قاري قمرالدين بلوچ، حاڪم بروهي، حافظ ولي الله ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جعميت جا جهنڊا کڻي تحصيل مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري غريب هارين ۽ آبادگارن کي پاڻي جي ڦڙي لاء تڙپايو پيو وڃي هنن چيو ته سارين جي فصل جي مند ختم ٿيڻ تي آهي ته ٻئي پاسي پاڻي جي کوٽ هجڻ سبب هن وقت تائين ساريالي فصل جو ٻيجارو به نه پوکجي سگهيو آهي. هنن چيو ته پ پ حڪومت ملڪ رياض جي ونگار وهي قومپرستن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته حڪمرانن پنهنجي ڪيل ڪرپشن کي لڪائڻ لاء ادارا ڄاڻي واڻي تباه ڪري پاڻي جي کوٽ، ۽ بدامني سميت ٻيا مسئلا پيدا ڪرائي عوام کي گم راه رکڻ چاهي ٿي.
اطلاعات کاتي ۾ بدليون ۽ مقرريون، اشتهار ڪابورو حوالي
ملير ۾ ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ تي مزاحمت ،5 ڄڻا سخت زخمي
نيوي، رينجرز، گورنر ۽ سي ايم آفيسن ٻاهران قبضا ختم ڪريو
نيوزيلينڊ 4 رنز تان ميچ کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي
منهنجي دور ۾ عدليا ۾ مداخلت جي هڪ به شڪايت ناهي ملي
عدليا ۾ مبينا مداخلت خلاف سوموٽو تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ قائم
حق نه مليو ته اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين: گنڊاپور
سوشل ميڊيا ايپ ٿريڊز، ايڪس کان گوءِ کڻي وئي
سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽرن جو مقرريون بدليون، نوٽيفڪيشن جاري
هٿيار اسمگل ڪيس، 7 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور
خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا
ڏوهن جي سرپرستي، 34 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار معطل
سکر جي ڪچي ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا،2 زخمي
عوام کي رليف نه پيو ملي، ڇا سمورا پئسا پگهارن ۾ ڏينداسين
پاڪستان انساني حقن بابت آمريڪا جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي
سعودي بابت بيان تي عمران خان ڇنڊ پٽي: شير افضل
نسله ٽاور جي زمين وڪرو ڪري متاثرن کي معاوضو ڏيو
وڏ وزارت جو عهدو آسان ناهي، باهه جي درياءَ تان گذري آهيان
بلوچستان اسيمبلي اسپيڪر عبدالخالق بحال
خان ۽ بشريٰ کي رياستي ادارن خلاف بيان نه ڏيڻ جو حڪم