پشاور: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) چونڊ نتيجن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب جمعيت علماءِ اسلام(ف) عيد کان پوءِ وڏي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان سلسلي ۾ مرڪزي قيادت سڄي ملڪ جي ضلعي قيادت کي هدايتون جاري ڪندي احتجاجي جلسن ۽ مظاهرن جي شيڊول لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جي يو آءِ(ف) طرفان حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ عيد کان فورن بعد وڏي پيماني تي چئني صوبن ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي تي نتيجن کي رد ۽ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو موقف آهي ته اسان جي مجلس عامله چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻوڪي چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي 2018 جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي شفاف چونڊن واري بيان کي رد ڪريون ٿا.










