اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پارٽي جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري موجب پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو جو اجلاس 16 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ ملڪي ۽ عالمي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو ۽ ان موقعي تي انٽرا پارٽي اليڪشن بابت فيصلا پڻ ڪيا ويندا.ترجمان اسلم غوري اهو به چيو ته اجلاس ۾ ايندڙ قومي ۽ صوبائي چونڊن جي تيارين جو جائزو ورتو ويندو.
