اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي تي اتفاق ٿي ويو آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي آهي ته اسان جو مسلم ليگ ن سان گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي تي اتفاق ٿي ويو آهي، گورنر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي حوالي سان اتفاق ٿيو آهي.نويد قمر جو چوڻ هو ته گورنر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جا عهدا ن ليگ کي ملندا، جڏهن ته گلگت بلتستان جو وڏو وزير پيپلز پارٽي جو هوندو.ذريعن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي اعليٰ قيادت جي ملاقات ۽ رابطن کانپوءِ حڪومت سازي تي اتفاق ٿيو.ذريعن موجب، پيپلز پارٽي ن ليگ جي ووٽن سان گلگت بلتستان ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهيندي.










