جي بي جي وڏي وزير جي چونڊ جو شيڊول منظور

گلگت(ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان جي نئين وڏي وزير جي چونڊ جو شيڊول منظور ڪري ورتو.اسيمبلي جي اسپيڪر نذير احمد ايڊووڪيٽ وڏي وزير جي چونڊ لاءِ نئون شيڊول سپريم اپيلٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو هو جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو آهي.شيڊول موجب گلگت بلتستان جي نئين وڏي وزير جي چونڊ 13 جولاءِ تي ٿيندي ۽ نامزدگي ڪاغذ 12 جولاءِ تي جمع ڪرائي سگهجن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو