جي بي اليڪشن 2026 لاءِ اميدوارن جي آخري فهرست جاري

جي بي اليڪشن 2026 لاءِ اميدوارن جي آخري فهرست جاري

گلگت (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن 2026 لاءِ اميدوارن جي آخري فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.فهرست موجب، ڪل 403 اميدوار ميدان ۾ لٿا آهن، جن مان 272 آزاد اميدوار آهن جڏهن ته 131 سياسي پارٽين جون اميدوار آهن.چونڊن ۾ ڪل 8 عورت اميدوار پڻ شامل آهن، 5 عورت اميدوار آزاد حيثيت سان چونڊن ۾ حصو وٺنديون، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ پي اين پي مان هڪ هڪ عورت اميدوار به ميدان ۾ آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين مان 23 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندا جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ نواز مان 22 اميدوار ميدان ۾ لٿا، جمعيت علماءِ اسلام مان 9 اميدوار، اسلامي تحريڪ پاڪستان مان 10 اميدوار ۽ جماعت اسلامي مان 6 اميدوار به چونڊن ۾ حصو وٺندا.اهڙي طرح مجلس وحدت مسلمين جا 7 اميدوار چونڊ وڙهندا، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جا 15 اميدوار ميدان ۾ آهن. پاڪستان نظرياتي پارٽي جا 10 اميدوار به چونڊ وڙهندا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا 6 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندا، ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جا 4 اميدوار به ميدان ۾ آهن.ان کان علاوه، عوامي نيشنل پارٽي، عوامي پاڪستان، مرڪزي مسلم ليگ، تحريڪ تحفظ پاڪستان پارٽي، سني اتحاد ڪائونسل ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان مان هڪ هڪ اميدوار چونڊ وڙهندو. پاڪستان مسلم ليگ جا 11 اميدوار، جڏهن ته مسلم ليگ ق جو هڪ اميدوار به ميدان ۾ آهي. پيپلز پارٽي ٽاور گروپ جو هڪ اميدوار به چونڊ وڙهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو