جي ايس پي پلس خلاف بيان قومي مفاد خلاف سازش قرار

جي ايس پي پلس خلاف بيان قومي مفاد خلاف سازش قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ايس پي پلس بابت پي ٽي آءِ جي باني جي پٽ جي بيان جي شديد مذمت ڪندي چيو آھي تھ جي ايس پي پلس خلاف بيان بازي قومي مفاد خلاف خطرناڪ سازش آھي ۽ اھا ڪنھن بھ صورت قبولڻ جوڳي ناھي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جي ايس پي پلس اسٽيٽس نھ رڳو ملڪ کي معاشي سھارو ڏئي ٿو پر لکين پاڪستان جي روزگار سان بھ اھا سڌي ريت سلھاڙيل آھي، جي ايس پي پلس جھڙي حساس معاملي تي سياسي مقصدن تحت بيان بازي اصل ۾ قومي مفادن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش آھي.ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جو مسئلو ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ اُن کي نرڄائي سان لڳاتار ورجائڻ آھي، ھاڻي اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تھ پي ٽي آءِ جي باني جي ڪٽنب ڀاتين جي ايس پي پلس خلاف ڪا ڳالھھ ناھي ڪئي، ان گفتگو ۾ ڀارت نواز ماڻھو بھ موجود ھُئا، پر اُنھن اھڙي ڪابھ ڳالھھ نھ ڪئي جھڙي ڳالھ پي ٽي آءِ جي باني جي ڪٽنب ڀاتين ڪئي، اھو تاثر ڏيڻ تھ جي ايس پي پلس خلاف ڪا بھ ڳالھھ نھ ڪئي وئي، حقيقتن جي ابتڙ آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عوام سڀڪجھھ ڏسي ۽ سمجھي رھيو آھي تھ ڪھڙي ريت مخصوص حلقا ملڪ خلاف مھم ھلائي رھيا آھن ۽ ھلائيندا رھيا آھن، ڪجھھ ماڻھو ذاتي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ ملڪ جي عالمي ساک کي بھ داءُ تي لڳائڻ کان نھ پيا مڙن. ھن چيو تھ پاڪستان جي معيشت چيلنجز مان گذري رھي آھي، ھن وقت اتحاد ۽ سنجيدگي جي ضرورت آھي، ڪجھھ ڌريون ذاتي مفادن جي لاءِ ملڪ جي خلاف بيانيو جوڙي رھيا آھن ھي رويو مذمت جوڳو ۽ ناقابل قبول آھي. سندس وڌيڪ چوڻ ھو تھ قومي مفاد کي سياست جي ور چاڙھڻ جي اجازت ڪنھن کي نھ ٿي ڏئي سگھجي، قوم اھڙي طرز عمل کي ڪنھن بھ صورت قبول نھ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو