جيڪو به پاڪستان ايندو قانوني دستاويزن سان گڏ ايندو، ڪاڪڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيڪو به پاڪستان ايندو هو قانوني دستاويزن سان گڏ ايندو.پرڏيهي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان 4 ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، غير قانوني پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو آهن.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته عوام کي ووٽ ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، پاڪستان ۾ عام چونڊن جون تياريون جاري آهن.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن لاءِ آئيني گهرجون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، چونڊن کان اڳ جون تياريون ٿي رهيون آهن، چونڊن دوران عالمي مبصر به پاڪستان ايندا.نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معيشت جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪري رهيا آهيون، معاشي اشارن کي درست رخ ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ معاشي سڌارا ضروري آهن.هن چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، علائقائي صورتحال ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، چين سان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو