جيڪسن مارڪيٽ ۾ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائي، سوين ليٽر کير ضايع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ فوڊ اٿارٽي ضلعي ڪيماري ۽ اسٽنٽ ڪمشنر ڪياماڙي جي ٽيمن جڪسن مارڪيٽ هاربر واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ضلعو ڪيماڙي بشير خان ۽ اسٽنٽ ڪمشنر ڪيماڙي شائستہ جبينه پڻ موجود هئا. ڪارروائي دوران ڪيميڪل مليل سوين ليٽر کير به ضايع ڪيو ويو. سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ مقامي انتظاميه جي ٽيمن کير جي دڪانن ۽ کاڌي پيتي جي مرڪزن جو به معائنو ڪيو. انسپيڪشن دوران ڪيترن ئي کير جي دڪانن ۽ پڪوان سنيٽرز تي ناقص صفائي سٿرائي تي ڏنڊ پڻ لڳايو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي ضلعي ڪيماڙي بشير خان چيو ته ڪيماڙي ضلعي ۾ ڪيميڪل مليل کير وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايت تي ملاوٽ واري کاڌ خوراڪ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو