جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل

جيڪب آباد:(ن س) جيڪب آباد ڀرسان صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد ۾ جوابدار مڙس عبدالمالڪ جکراڻي گهر جو خرچ گهرڻ تان ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي گهر واري خورشيد کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جنهن کان پوءِ لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويومقتولڻ عورت جي والدين موجب جوابدار خرچ گهرڻ تي ڌيءَ تي هميشه تشدد ڪندو هو اڄ به ڌيءَ پاران خرچ گهرڻ تي جوابدار گوليون هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي جوابدار کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.پوليس موجب خرچ گهرڻ جي معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ جوابدار گوليون هڻي زال کي قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو. آهي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو