جيڪب (ن س )جيڪب آباد ۾ جيل جا 2 قيدي روشن دان ٽوڙي فرار ٿي ويا،واقعو جيڪب آباد جي مولا داد ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو جتي پوليس لاڪ اپ مان 2 جوابدار روشن دان ٽوڙي فرار ٿي ويا.ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار لاڪ اپ جي لائٽ ٽوڙي فرار ٿي ويا، جوابدارن کي موٽرسائيڪل چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.پوليس پاران جوابدارن جي ٻيهر گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










