گهوٽڪي(ڊ ر) جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جساف جسقم ضلعي گھوٽڪي طرفان عدالت کان مٿانهين قتل خلاف احتجاج جساف اڳواڻ رشيد سنڌي حبيب اللھ گھوٽو فقير رمضان ڪلوڙ لال بخش گھوٽو وحيد سنڌي سيد جمال شاھ وھاب سھتو ثناء اللھ ڪليري ڪامريڊ اڪرم ٿھيم صدالردين مھر سنڌ عوامي سٿ جي فياض مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھوٽڪي پريس ڪلب کان پپل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته عرفان جتوئي کي سوين شاگردن اڳيان سنڌ يونيورسٽي انٽرنيشنل هاسٽل روم نمبر 22 تان کنڀيو ويو هو، ايس ايس پي عرفان سمون جي اها دعوا آهي ته اسان عرفان جتوئي کي مقابلي ۾ ماريو آهي اهو سراسر ڪوڙ ۽ انسانيت جي تذليل آهي،ڀلي عرفان جتوئي تي 500 ڪيس هجن آ پر ان کي عدالت ۾ پيش ڪري پڇاڻو ڪجي ها عرفان جتوئي جو قتل انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ وحشياڻو عمل آھي پر سنڌ گورنمنٽ اڃان تائين ڪو به نوٽيس ناھي ورتو اسان عرفان جتوئي جي قتل جو ذميوار ايس پي کي سمجهون ٿا۔ ۽ ان مسئلي تي عرفان جتوئي جي وارثن سان گڏ آهيون۔ عرفان جتوئي جي قتل ۾ ملوث ڊي ايس پي نثار شاھ، ايس ايس پي عرفان سمون، رجسٽرار غلام محمد ڀٽو ۽ وي سي سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي جيئن مستقبل ۾ اھڙو ڪوئي واقعو پيش نه اچي.ھنن چتاء ڏيندي چيو ته عرفان جتوئي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










