جهل مگسي ۾ ڪوچ اونڌي، عورت ۽ ٻار سميت 7 ڄڻا فوت

جهل مگسي ۾ ڪوچ اونڌي، عورت ۽ ٻار سميت 7 ڄڻا فوت

جهل مگسي (ويب ڊيسڪ)جهل مگسي ضلعي ۾ ايم-8 هاءِ وي تي مسافر ڪوچ اونڌي ٿيڻ سبب هڪ عورت ۽ هڪ ٻار سميت ست ماڻهو فوت ٿي ويا.ڊي ايس پي محمد يونس موجب، ڪوچ خاران کان لاڙڪاڻو وڃي رهي هئي ته ايم-8 هاءِ وي تي تيز رفتاري سبب ڪنٽرول وڃائي ڇڏيو ۽ اونڌي ٿي وئي.هن چيو ته ڇهه ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ زخمي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو. فوتين ۾ هڪ ٻار ۽ هڪ عورت پڻ شامل آهي.ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 22 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن جي حالت نازڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو