لاهور (ويب ڊيسڪ)ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ حريم شاهه چيو آهي ته جن سياستدانن جون وڊيوز ليڪ ڪيون اهي قابل قدر آهن. لاهور پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حريم شاهه چيو ته وڊيو ليڪ جي حوالي سان جيڪو به مون تي ڪيس داخل ڪرڻ چاهي، مان ڪنهن کان نه ڊڄان، مان هن وقت ملڪ ۾ آهيان ۽ وڙهندس.هن چيو ته صندل خٽڪ ڪيس ۾ ايف آءِ اي ۽ عدالتن جو شڪريو ادا ڪيو آهي، وڪيلن جي مشاورت سان کين ضمانت ڏني وئي آهي، پر کيس آزاد نه ڪيو ويو آهي.حريم شاهه وڌيڪ چيو ته جن سياستدانن جون وڊيوز ليڪ ڪيون آهن اهي قابل قدر آهن.ٽڪ ٽوڪر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو فيصلو هڪ ٻن ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات بعد ڪندس.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان مون کي ڌمڪيون ڏنيون پر مان ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ناهيان، مان هن ملڪ ۾ آهيان جنهن ڪيو آهي جيڪو ڪرڻو آهي اهو ڪيو آهي.
