تحرير ايم بي ڏاهري
ان شام جو شھر کان ڳوٺ پھتس سج لٿي جي نماز پڙهي گهر آيس حسب معمول موجب گھر وارن ماني کائڻ لاءِ آندي ماني کائڻ لاءِ کٽ تي ويٺاسين اڄ ڀاڄي ۾ مڇي ٺاهي ھيائون ته ننڊڙي علي بابا وري پنهنجي فرمائش ڪندي کائڻ لاءِ بيدو تيار ڪرايو ماني کائڻ لاءِ ويٺاسين ته گھر وارن سياري جي پھرين وٽ سرنھن جي ساڳ جي وٽي آڏو رکندي چيو ته توهان جي پسنديده پاڄي ساڳ ٺاھيو اٿئون گھر وارن جي ڳالھ ڪندي امڙ جي وڇوڙي جون يادگيريون سمنڊين لھرن وانڱين نظرن آڏوڦرڻ لڳيون اکين مان ڳوڙها بي موسمي مينھن وانڱين وھڻ لڳا ما ني جي بک امڙ جي وڇوڙي جي ويل وارين گھڙين ۾وسري وئي منهنجي اکين مان ڳوڙها نيشان جئين وجھندا رھيا منهنجي خاموشي واري ڪيفيت کي ڏسي ننڊڙي علي بابا به روئندي ماني کائڻ کان انڪاري ٿيندي مونکي ڀاڪر پائي روئڻ شروع ڪيو ۽گهر وارا به خاموشي سان ويھي منهنجي ڏک ۾شريڪ ٿي ويا امڙ جي ھٿن جي کارايل ماني ۽ سياري جي موسم ۾ سرنھن جھڙي ساڳ جو جھڙو سواد ڏيندڙ امڙ جي شفقت ھاڻي ڪير ڏيندو امڙ جي ھٿن جو ٺھيل ساڳ جنهن ۾ پنهنجي ھٿن سان مکڻ وجھي سڻڀو گرھ کارائيندڙ امڙ جي ميٺاسي گفتن جا ٻول ۽دير سان گهر اچڻ مھل تائين ڌر ۾نيڻ وڃائي ويھندڙ پنهنجي ھٿن سان ماني کارائي کير نه پياري تيستائين اوجاڳن کي پاڻ سان گڏ سزا ڏيئي ويھندڙ امڙ جي وڇوڙي جي ويھڻ ڏينهن وارو دردماٺيڻي من ۾سنڀالي ھلڻ ڏاڊوڏکيو لڳو اوچتو وري ساڳ جي ياد واري تڙپ ڪربتناڪ ڪنڊيشن کان گهٽ نه ھئي ڪم از ڪم مون جھڙي لاءِ امڙابي جي محبت جو قرض لاهڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر جيڏي سڪ سيني ۾ ايتري ٿئي ڇڄ ان شڪ واري سڳي ۾ امڙ۽ابي جيڪو مونکي کي سبيو اھڙو شل ھر ڪنھن جي نصيب ۾ ٿئي امڙ جي وڇوڙي واري گھڙي ھينئر آيل ياد جي گھرين وارو دردشل نه ڪنهن حلالي اولاد جي قسمت ۾ لکجي محبتي رشتن جي تقدس جي لازوال ڪھاڻي لکڻ ۾قدرت واري جو به ڪمال آھي جيڪو خوشين جي خزاني مان عجيب خوشيون عطا فرمائي ٿو ته غمن جاغوغاء به عجيب نموني سان ارپي ٿو خالق جي ھن خلقيل ڪائنات جي اسرارن جو اھڃاڻ به پاڻ ٿو ڄاڻي اسان ته آهيون مسافر ماڻهو جيڪي ھڪ گاڏي مان لھي مالڪ جي ھن تخليق ٿيل ڪائنات مان شير تفريح ڪري ٻي گاڏي ۾سوار ٿي آٽ پھچون ٿا جتان اڄ تائين ڪو به وريو نه آهي بھرحال قصو امڙ جي وڇڙڻ جو ڏک ڀريو آهي ھن سنسار ۾ حياتي جا پل ڏکيا سکيا پورا ڪرڻا پون ٿا ان مھل منهنجي ڪيفيتي تاثرن ۾ منھنجا گهر وارا۽نننڊڙو علي بابا ڏاڏي جي وڇوڙي تي ڏک ۾ برابر جا شريڪ رھيا جڏهن خاموشي منھنجا خمار ٽوڙيا ته سڄي ڏينهن جي بک۽ان ڏک جي بک آءُ ته برداشت ڪري سگھان ٿو پرھڻ معصوم ۽گھر جي ماڻهن ڪھڙو ڏوھ ڪيو جيڪي سڄو ڏينهن جي اوسيئڙي کانپوءِ سڪونيت جي گھڙي واري آسيس۾ ويهي گڏجي ماني کائيندا آھيون پنهنجي ڏک واري ڪيفيت منھن تان ھٽائيندي ننڊڙي کي ڀاڪر پائي ڳلي مان لگائي گھر وارن کي ماني کائڻ جو چيو گرھ نڙي کان ھيٺ لھڻ کان نابري واري ويٺا پر سياري جي ڊگهي رات معصوم علي بابا جو بکيو سمھي رھڻ وارو درد به ھڪ مائٽ لاءِ سھڻ ڏکيوھو جئين منھنجي امڙ ۽ابي سٺا ھوندا ائين ساڳ جي سواد.جي ياد ۾ تڙپندي رات گذري فجر جي نماز پڙهي قبرستان وڃي دعا گهري مالڪ سائين اھڙن رشتن جو وڇوڙو ڏاڊوڏکيو آهي منهنجي امڙابي سميت ڪل ڪائنات تي ڪر. م فرمائي انھن کي جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب ڪري










