ايران ۽ آمريڪا جي ٽيمن پاران لکت ۾ مطالبن جي مٽا سٽا، هرموز جي صفائي شروع

ايران ۽ آمريڪا جي ٽيمن پاران لکت ۾ مطالبن جي مٽا سٽا، هرموز جي صفائي شروع

اسلام آباد:(رپورٽ اياز مهر)صدر ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي نيوي هرموز ۾ وڇايل بارودي سرنگهون صاف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هرموز م موجود 28 ايراني ٻيڙين کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اهي سمنڊ جي تري ۾ آهن. آمريڪا ۽ ايران ۾ ڳالهين ۾ ابتدائي طور اهم پيش رفت ٿي آهي ۽ ڌريون وفدن جي سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن جي ماهرن وڄ ۾ اقتصادي، ٽيڪنيڪل، قانوني ۽ سياسي معاملن بابت ڪميٽين جي سطح تي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته لبنان ۾ جنگبندي ۽ منجمند ڪيل ايران جي رقم جاري ڪرڻ تي آمريڪا اتفاق ڪيو آهي. ايراني وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري کيس پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو آهي. مانجهاندي تي ٿيل ملاقات بعد آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ کيس ايران جي مطالبن ۽ موقف بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس مان جاري ٿيل بيان موجب’ٻنهي وفدن جي تعميري انداز ۾ ڳالهين ۾ شموليت جي عزم کي ساراهيندي، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته اهي ڳالهيون علائقي ۾ پائيدار امن ڏانهن هڪ اهم قدم ثابت ٿينديون.” وزيراعظم ٻيهر ورجايو ته
پاڪستان علائقي ۾ پائيدار امن ڏانهن اڳڀرائي لاءِ ٻنهي ڌرين جي سهولتڪاري جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.”

ماهرن پاران لکت ۾ متنن جي مٽا سٽا

ايران ۽ آمريڪا جي ماهرن تي ٻڌل ٽيمن اسلام آباد ۾ ڪلاڪن تائين هلندڙ روبرو ڳالهين کان پوءِ لکت ۾ متنن جي مٽا سٽا ڪئي. جتي وچ اوڀر جي جنگ ۾ وقفي دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون جاري رهيون۔ ان کان اڳ، ايراني حڪومت X تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته اهي ڳالهيون “ماهرن جي سطح” تي ٿيون، جتي اقتصادي، فوجي، قانوني ۽ جوهري ڪميٽيون به شامل ٿيون۔ “ٽيڪنيڪيل تفصيلن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڳالهيون سيرينا هوٽل ۾ جاري آهن.”

وزيراعظم سان ايراني وفد جي ملاقات

وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڳالهين ۾ ايران جي شرڪت کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي حاصلات لاءِ بامعنيٰ نتيجن تائين پهچڻ خاطر هڪ ذميوار ٽياڪڙ طور پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شبهاز شريف  سان ايراني مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ ايراني وفد ملاقات ڪئي. اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي به وفد ۾ شامل هو. وزيراعظم اسلام آباد ڳالهين ۾ ايران جي شرڪت کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي حاصلات لاءِ بامعنيٰ نتيجن تائين پهچڻ خاطر هڪ ذميوار ٽياڪڙ طور پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن رضا نقوي به موجود هئا.

وزيراعظم آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي تعميري انداز ۾ ڳالهين جي عزم کي ساراهيو

وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي تعميري انداز ۾ ڳالهين جي عزم کي ساراهيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اهي ڳالهيون خطي ۾ ڊگهي امن جي قيام طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿينديون. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اسلام آباد ڳالهين جي شروعات تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس ملاقات ڪئي. آمريڪي نائب صدر سان گڏ خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشز جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي موجود هئا. ٻنهي وفدن جي تعميري انداز ۾ ڳالهين جي عزم کي ساراهيندي وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ڳالهيون خطي ۾ ڊگهي امن جي قيام طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿينديون. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ سهولتڪاري جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: گيلاني

سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دنيا جي سپر پاور آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، دنيا آڏو پاڪستان جي قدر ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن کوسه هائوس ۾ سردار ذوالفقار علي خان کوسه جي وفات تي تعزيت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته منهنجو ڊيره غازي خان اچڻ جو مقصد سردار ذوالفقار علي کوسه جي وفات تي سندس پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪرڻ آهي. سردار ذوالفقار علي کوسه ملڪ جو قيمتي اثاثو هو ۽ سندس پُٽن جو ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته منهنجي سردار ذوالفقار علي کوسه سان پراڻي وابستگي هئي ۽ مان دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ مرحوم جا بلند درجا عطا فرمائي. آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته الله پاڪ پاڪستان کي وڏو مقام عطا ڪيو آهي ۽ هو خطي ۾ امن خاطر اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي سپر پاور ۽ ايران وچ ۾ صلح جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ مان پر اميد آهيان ته ڳالهيون جو اهو سلسلو نتيجي وارو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين کوسه هائوس پهتو ته سردار دوست محمد خان کوسه، سردار حسام الدين کوسه ۽ سردار سيف الدين کوسه سندس آجيان ڪئي.

پاڪستان مخالفن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو

سينيٽر شيري رحمان پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي قد ۽ ڪاٺ جي تعريف ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اعتماد جي بحالي ۽ مخالفن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان کي دهشتگردي جو طعنو ڏيندڙ ڀارت لاءِ عالمي امن تي ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي رهيو آهي. هن ڇنڇر ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ايران ۽ آمريڪا کي جنگ کان ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سفارتي فتح کي ساراهيو. هن وضاحت ڪئي ته ٻنهي ملڪن لاءِ پنهنجي بنيادي مفادن کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته هر ملڪ پنهنجي عوامي سڃاڻپ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن چيو ته امن ڳالهين لاءِ ٻنهي ڌرين جي ميزباني ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ٻنهي ملڪن جي خدشا ٻڌا وڃن، اعتماد کي برقرار رکيو وڃي ۽ تعميري ڳالهين کي هٿي ڏني وڃي. شيري رحمان مصر، ترڪيه، سعودي عرب ۽ چين جهڙن ملڪن جي حمايت کي تسليم ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي قيادت، مخالف ٻن ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي سفارتڪاري هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي جتي ٻئي ڌريون پنهنجي بنيادي پوزيشنز تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پر امن طريقي سان ڳالهيون ڪري سگهن ٿا. شيري رحمان ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته جاري امن ڳالهيون هڪ اهم ڪاميابي آهن، ٻئي متحارب ملڪ هاڻي هڪ ئي ميز تي آهن جيڪو عالمي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي قيادت جو واضح ثبوت آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ڀارت، جيڪو ڪڏهن پاڪستان کي ”دهشتگردن جو مرڪز“ قرار ڏيندو هو، هاڻي پنهنجي ناڪام سفارتڪاري جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. شيري رحمان امن امان لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي ناڪامي تي تنقيد ڪندي چيو ته عالمي برادري هاڻي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۾ هاڪاري تبديلي کي تسليم ڪري رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي ته پاڪستان جي سهڪار سان ٻئي متحارب ملڪ گڏيل اعتماد کي برقرار رکندي پنهنجون ڳالهيون جاري رکندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته امن ڳالهيون تعميري طور اڳتي وڌنديون.

آمريڪا فرسٽ يا اسرائيل فرسٽ، ايراني سفارتڪار

الجزيره ايراني سفارتي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايران پنهنجي موقف کان پاڪستان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جي ڪوشش آهي ته ٻنهي ڌرين کي روبرو ڳالهين لاءِ راضي ڪري. ايران جو چوڻ آهي ته بال آمريڪا جي ڪورٽ ۾ آهي جيڪڏهن هنن آمريڪا فرسٽ جو اصول اختيار ڪيو ته معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏهن اسرائيل فرسٽ جو اصول اختيار ڪيو ته معاملا نه ٺهندا. اسلام آباد ۾ ايران جي سفير رضا اميري ايڪس تي پيغام ۾ چيو آهي ته اسين اهو ڏسي رهيا آهيون ته ميزبان کي آمريڪا ڪيترو مان ڏئي ٿو.

آمريڪا ايران جا منجمد اثاثا جاري ڪرڻ تي راضي ناهي ٿيو

هڪ آمريڪي عملدار انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته واشنگٽن ايران جا اثاثا آزاد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔ خابرو اداريرائٽرز اڄ اڳ رپورٽ ڏني هئي ته هڪ سينيئر ايراني ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته آمريڪا  قطر ۽ ٻين پرڏيهي بئنڪن ۾ رکيل ايران جا منجمد اثاثا جاري ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي۔

وزيراعظم خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پراميد

وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي تعميري ڳالهين ۾ شموليت جي عزم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهيون علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿينديون۔ هن اها اميد اڄ اسلام آباد ۾ آمريڪا جي نائب صدرجي ڊي وينس سان ملاقات دوران ظاهر ڪئي۔ وزيراعظم ورجايو ته پاڪستان علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ ٻنهي ڌرين جي سهڪار جاري رکڻ جو خواهشمند آهي۔ ملاقات دوران آمريڪي نائب صدر سان خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ جيئرڊ ڪشنربه گڏ هئا، جڏهن ته وزيراعظم سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽرمحمد اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير سينيٽرمحسن رضا نقوي ملاقات۾شامل هئا۔

ايران جا شرط تسليم نه ڪيا ويا ته ڳالهيون رد ٿي سگهن ٿيون

سرڪاري طور تي اڃا ڪو بيان سامهون ناهي آيو پر اسلام آباد مان IRINN جي ايراني سرڪاري نيوز چينل تي لائيو رپورٽ ڪندڙ هڪ نامہ نگار خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران جون اڳواٽ شرطون پوريون نه ٿيون ته ڳالهيون اڃا به رد ٿي سگهن ٿيون۔ هن چيو ته اهڙين ڳالهين مان نڪري وڃڻ، جيڪي ايران جي “مفادن، مطالبن ۽ ريڊ لائينز” جو احترام نه ڪن، پاڻ ۾ هڪ “ڪاميابي” سمجهي وڃي سگهي ٿي، جنهن کي عملدار “جارحاڻي سفارتڪاري” سڏين ٿا۔ اڄ صبح اڳ، نامہ نگار اهو به چيو ته ايراني وفد کي سڀ کان پهرين پاڪستان جي وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪرڻي هئي، جنهن کان پوءِ وڌيڪ تفصيل، جنهن ۾ آمريڪي وفد سان ڪنهن به ڳالهين جو وقت به شامل آهي. واضح ٿيڻ جو امڪان هو۔ جيئن ته هاڻي رپورٽ ڪيو ويو آهي ته شريف سان اها ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي۔

رياستي ٽي وي ايران جي شرطون ۽ ڳاڙهيون لڪيرون اجاگر ڪري رهي آهي، گڏوگڏ آمريڪا تي اعتماد جي کوٽ جو به ذڪر ڪري رهي آهي۔ رپورٽن موجب ايران وٽ مٿانهون هٿ آهي ۽ جيڪڏهن ان جون شرطون پوريون نه ٿيون ته اهو بغير ڳالهين جي به اڳتي وڌي سگهي ٿو۔

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ هڪ ايراني وفد آمريڪا سان ڳالهين لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي.ايراني وفد ۾ اسپيڪر باقر قاليباف، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي، دفاعي ڪائونسل جو سيڪريٽري، مرڪزي بينڪ جو گورنر ۽ پارليامينٽ جا ٻيا ميمبر شامل آهن.پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ايراني وفد جو استقبال ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به استقباليه ۾ موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڌريون ڳالهين کي تعميري انداز ۾ اڳتي وڌائينديون، ۽ پاڪستان تڪرار جي پائيدار ۽ پائيدار حل جي سهولت جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي.ايراني عملدارن موجب، وفد آمريڪي عملدارن سان ڳالهين لاءِ پاڪستان آيو آهي. وفد ۾ سيڪيورٽي، سياسي، فوجي، معاشي ۽ قانوني معاملن سان لاڳاپيل ٻيا عهديدار به شامل آهن، جيڪي، مختلف،پهلوئن تي بحث ڪندا

.آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جامع جنگ بندي ڳالهين لاءِ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستاني راڄڌاني اسلام آباد پهچي وئي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو صلاحڪار اسٽيو وٽڪوف ۽ سندس ناٺي جيريڊ ڪشنر به جي ڊي وينس سان گڏ اسلام آباد پهچي ويا آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي نائب صدر جو استقبال ڪيو.

خير سگالي طور تي آيا آهيون پر آمريڪا تي ڪو به اعتماد نه آهي، ايراني اسپيڪر
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف هڪ تازي بيان ۾ چيو آهي ته ايران خير سگالي سان ڳالهين لاءِ آيو آهي پر آمريڪا تي ڪو به اعتماد نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا هڪ حقيقي معاهدو پيش ڪري ٿو ۽ ايران جي حقن کي تسليم ڪري ٿو، ته ايران معاهدي لاءِ تيار آهي.باقر قاليباف آمريڪا-ايران ڳالهين کان اڳ لبنان ۾ جنگ بندي ۽ ايران جي منجمد اثاثن جي بحالي جو مطالبو ڪيو، ۽ چيو ته اهي متفقه نقطا هئا جن تي اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي.پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته آمريڪا کي پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن، ان لبنان ۾ جنگ بندي جو واعدو ڪيو آهي.ياد رکڻ گهرجي ته ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ هڪ ايراني وفد آمريڪا سان ڳالهين لاءِ اسلام آباد پهتو آهي.وفد ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي، دفاع ڪائونسل جو سيڪريٽري، مرڪزي بينڪ جو گورنر ۽ پارليامينٽ جا ٻيا ميمبر شامل آهن.

ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 277 ٻار ۽ 67 استاد شهيد ٿيا: ايراني وزارت تعليم
ايراني وزارت تعليم چيو آهي ته جنگ جي شروعات کان وٺي ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 277 ٻار ۽ 67 استاد شهيد ٿيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو هو ته ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو ڪل تعداد 3,000 کان وڌي ويو آهي.

پاڪستان جو ايران-آمريڪا تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جو عزم
پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب، هڪ ايراني وفد اسلام آباد ۾ اهم سفارتي ڳالهين ۾ حصو وٺندو. اسحاق ڊار تعميري ڳالهين جي اميد ظاهر ڪئي. پاڪستان تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين کي آسان بڻائڻ جي آڇ ڪئي.پرڏيهي معاملن واري وزارت موجب، پاڪستان تڪرار جي خاتمي ۽ پائيدار امن لاءِ پنهنجي حمايت کي ورجايو. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون متوقع آهن.

ايران جنگ تي واشنگٽن ۽ ويٽيڪن جو اختلاف وڌي ويو 
ايران جنگ تي واشنگٽن ۽ ويٽيڪن جو اختلاف وڌي ويو آهي، ڪيٿولڪ عيسائي مذهبي اڳواڻ پوپ ليو هڪ تازي بيان ۾ چيو آهي ته ڪو به مقصد بيگناهه خون وهائڻ کي جائز نٿو بڻائي سگهي، خدا ڪنهن به تڪرار تي برڪت نٿو ڏئي، مقدس هنڌن تي غير انساني ۽ بي معنيٰ تشدد تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، انساني زندگين کي صرف ذاتي مفادن جو نقصان سمجهيو پيو وڃي.هن چيو ته امن جو شهزادو، عيسيٰ مسيح جا پوئلڳ، ڪڏهن به انهن سان گڏ نه بيهندا جيڪي ڪڏهن تلوارون هلائيندا هئا ۽ اڄ بم ڪيرائيندا آهن.ان کان اڳ، پوپ ليو صدر ٽرمپ جي بيان تي به تنقيد ڪئي آهي جنهن ۾ ٽرمپ ايران ۾ پوري تهذيب کي پاڙ کان پٽي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

ايران ۽ مزاحمتي محاذ لاءِ هڪ قابل قبول معاهدو ٻن هفتن اندر ٿيڻ گهرجي: ايران
ايران واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ۽ اشتعال انگيز ڪارروائي ٿي ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي مفادن تي تباهي ڪندڙ حملا ڪيا ويندا.

اسلام آباد ۾ آمريڪا-ايران ڳالهيون، ٽرئفڪ پلان جاري، ريڊ زون مڪمل طور تي بند
اسلام آباد ۾ پرڏيهي وفدن جي آمد کي نظر ۾ رکندي ٽرئفڪ ڊائيورشن پلان تيار ڪيو ويو آهي.اسلام آباد ٽرئفڪ پوليس موجب، ريڊ زون ۽ ايڪسٽينڊڊ ريڊ زون مڪمل طور تي بند رهندا، ڪشمير چوڪ ڪلب روڊ کان سرينگر هاءِ وي زيرو پوائنٽ تائين بند رهندو، جڏهن ته سرينگر هاءِ وي زيرو پوائنٽ کان سرينگر چوڪ تائين بند رهندو.ٽرئفڪ پوليس موجب، شڪر پريان روڊ، چاند تارا چوڪ کان ستين ايونيو بند رهندو، جناح ايونيو، خيابان چوڪ کان بليو ايريا روڊ بند رهندو.اسلام آباد ٽرئفڪ پوليس چيو ته فيصل چوڪ کان ٽريل 3 تائين مارگلا روڊ ٽريفڪ لاءِ بند رهندو، ايڪسپريس وي زيرو پوائنٽ کان ڪورل چوڪ تائين ٽريفڪ لاءِ بند رهندو.اسلام آباد ٽرئفڪ پوليس چيو ته 11 کان 12 اپريل تائين اسلام آباد ۾ ڳري ٽرئفڪ بند رهندي، جي ٽي روڊ پشاور کان راولپنڊي ٽيڪسلا موٽر وي، چڪري، چڪ بيلي روڊ ۽ راوت روڊ استعمال ڪن.

اسپيڪر باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان ايندڙ ايراني وفد ۾ لڳ ڀڳ 70 ماڻهو شامل آهن: ايراني ميڊيا
ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ايندڙ ايراني وفد ۾ لڳ ڀڳ 70 ماڻهو شامل آهن، جن ۾ مکيه مذاڪرات ڪندڙ ۽ 26 ميمبرن تي ٻڌل ٽيڪنيڪل ۽ خاص ڪميٽين جا ميمبر شامل آهن. اهي ڪميٽيون معاشي، سيڪيورٽي ۽ سياسي مسئلن سان لاڳاپيل آهن ته جيئن اهي انهن انتهائي حساس ڳالهين ۾ بروقت صلاح مشورا ڏئي سگهن.مختلف ميڊيا مان 23 ميمبرن تي ٻڌل ميڊيا ٽيم پڻ وفد ۾ آئي آهي، جڏهن ته ٻين ۾ پروٽوڪول ۽ ڪوآرڊينيشن ٽيمون، مترجم ۽ هڪ سيڪيورٽي ٽيم شامل آهي.

جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته آمريڪا اڳ کان وڌيڪ شدت سان فوجي ڪارروائي شروع ڪندو: ٽرمپ
صدر ٽرمپ آمريڪي اخبار نيويارڪ پوسٽ سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ آمريڪا-ايران ڳالهيون ڪامياب ٿينديون يا نه، اهو تمام جلد معلوم ٿي ويندو، اهو ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر معلوم ٿي ويندو. آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته آمريڪا اڳ کان وڌيڪ شدت سان فوجي ڪارروائي شروع ڪندو.

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو جهاز فرانس ۾ رڪجي ويو
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو جهاز، جيڪو ايران سان ڳالهين لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو هو، فرانس ۾ رڪجي ويو. آمريڪي هوائي فوج جو خاص سي-32 اي جهاز پيرس ۾ لينڊ ڪيو. پيرس ۾ ايندھن ڀرڻ کان پوءِ، جهاز اسلام آباد لاءِ روانو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو