جنيد خان جي ڀارتي اداڪارا اميشا پٽيل سان ملاقات، وڊيو وائرل

جنيد خان جي ڀارتي اداڪارا اميشا پٽيل سان ملاقات، وڊيو وائرل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار جنيد خان آمريڪا ۾ نئين سال جي حوالي سان منعقد تقريب دوران ڀارتي اداڪارا اميشا پٽيل سان ملاقات ڪئي.جنيد خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي نئين سال جي شروعات تي آمريڪا ۾ اپيشا پيٽيل سان ملاقات جي هڪ وڊيو ۽ ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن.اميشا پٽيل سان گڏ پنهنجي تصوير شيئر ڪندي هن لکيو ته 2023 پڄاڻي تي اچي رهيو آهي ۽ هن ڀيري ڪجهه خاص ماڻهن سان گڏ نئون سال ملهايو.جنيد خان اميشا پٽيل سان ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ نيو ايئر نائيٽ تي سندس شاندار ڪارڪردگي کي به ساراهيو.پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ هن تقريب جي منتظمين جو به شڪريو ادا ڪيو جن کيس نئين سال جي شروعات لاءِ اهڙي شاندار تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.جنيد خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هن نئين سال جي رات جي تقريب جي هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي آهي.وڊيو جي شروعات ۾ مداحن کي تقريب ۾ جنيد خان ۽ اميشا پٽيل سان سيلفي وٺندي پنهنجي ڊانس پرفارمنس ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته آخر ۾ ٻنهي اداڪارن کي هڪ ٻئي سان ڏاڍي خوشگوار گفتگو ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو