جنهن به ڏوهه ڪيو،قانون کي منهن ڏيندو: راڻا ثناءُ

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي، قانون هٿ ۾ کنيو آهي ته کيس قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.ناموس رسالت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ناموس رسالت جو تحفظ ضروري آهي، قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف جي رهنمائي ۾ ملڪ اڳتي وڌندو. راڻا ثناءُ وڌيڪ چيو ته ڏوهه ڪهڙو آهي ته پوءِ ان جو احتساب ٿيڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو